لاڙڪاڻو) خابرو ) تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن
پاران ڪالھ 227 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي ڏنو
گاد، امجد بليدي ۽ ٻين اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سال 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي
ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي باوجود هن وقت تائين آفر آرڊر نه مليا آهن جڏهن ته اسين 7 مهينن کان
مسلسل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي. هنن سنڌ
جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي
۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
Monday, June 3, 2019
Home »
» استادن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ 227 هين ڏينهن به احتجاج
0 comments:
Post a Comment