Random Post

ads

Wednesday, June 5, 2019

لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي حادثا، 3 ماڻهون فوت، 15 زخمي، 4 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي



لاڙڪاڻو(رپورٽ: اڪبر آزاد هيسباڻي) لاڙڪاڻو بنگل ديرو باءِ پاس روڊ تي تيز رفتاري سبب ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي جنھنجي نتيجي ۾ ڪار روڊ ڪناري ٺھيل چانھ جي ھوٽل سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾  2 ڄڻا فوت 3 سخت زخمي ٿي پيا فوتين ۽ زخمين کي لاڙڪاڻي جي حادثن واري شعبي ۾ پھچايو ويو ٻڌايو وڃي ٿو تہ زخمين ۽ فوتين جو تعلق جتوئي برادري سان آھي ھو عيد جي موقعي تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو شھيدن جي مزار گھمڻ ويا ھئا واپسي ۾ حادثو پيش آيو. عيد واري ڏھاڙي لاڙڪاڻي جي حادثن واري شعبي ۾ ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ موجود ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تہ ھن وقت تائين شھر ۽ آس پاس جي علائقن مان مختلف حادثن جو شڪار ٿيل 15 زخمي پھتا آھن جن مان 3 فوت ٿي چڪا آھن 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي ھن چيو تہ اسانجي ڪوشش آھي تہ زخمين توڙي ٻين مريضن کي بھترين طبي سھولتون ڏيڻ ۾ ڪا ڪثر نہ ڇڏيون.

0 comments:

Post a Comment