ٽنڊوآدم ( رپورٽ سليمان ساند
) ٽنڊوآدم لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل پيءُ پٽ سميت 3 ماڻهون فوت، لاش گهر پهچڻ تي قهرام
رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ٽنڊوآدم جهول روڊ تي ڊاٽسن ۽ ٽن موٽر سائيڪلن جي ٽڪر جي نتيجي
۾ زخمي ٿيل 12 ڄڻن مان ٽنڊوآدم جي ميمڻ پاڙي جو 30 ورهين جو پورهيت جميل انصاري سندس 6 ورهين جو پٽ اعظم انصاري سميت ڳوٺ قيصر گهوٽ
جو رهواسي 8 ورهين جو ٻارڙو رحيم بخش پٽ حسين بخش زخمن جي سٽ نه سهندي حيدراباد اسپتال
۾ فوت ٿي ويا جن جا مڙهه ٽنڊوآدم ۽ ڳوٺ قيصر گهوٽ آندا ويا پيءُ پٽ ۽ ٻارڙي جا لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو واضح
رهي ته گذريل ڏينهن ٿيل حادثي ۾ 12 زخمين ۾
فوتي جميل انصاري جي گهر واري شبانه انصاري، ۽ فوتي ٻارڙي رحيم بخش گورچاڻي
جي والد سميت 2 ڀائر پڻ زخمي ٿيا هئا جن کي پڻ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي
Saturday, June 8, 2019
Home »
سنڌ خبرنامو
» ٽنڊوآدم لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل پيءُ پٽ سميت 3 ماڻهون فوت
0 comments:
Post a Comment