جيڪبآباد(خابرو) جيڪب آباد ڀرسان جکراڻي برادري جي ٻن ڌُرين
۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي معصوم ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ڇڏي. مولا داد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ
بخش علي جکراڻي ۾ (گلواڻي) جکراڻي برادري جي جاويد گلواڻي ۽ سهراب گلواڻي جکراڻي جي
ٻن ڌُرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران ڌُرين هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن
کولي ڇڏيا. پُراڻي سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ گولي لڳڻ ڪري 3 سالن جو معصوم ٻار
شامر علي ولد ولي محمد گلواڻي جکراڻي مارجي ويو. ٻالڪ جي حياتي کسڻ بعد ڌُرين جا هٿيار
خاموش ٿيا ۽ جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس جهيڙي دوران نه پهتي پر ٻالڪ جي حياتي کسجڻ
واري ڄاڻ ملڻ کانپوءِ پهچي وئي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ
مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري
فرار ٿي وئي آهي.
Friday, June 7, 2019
Home »
سنڌ خبرنامو
» جيڪب آباد ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي سبب 3 ورهين جو معصوم ٻار گولين جو بک بڻجي ويو
0 comments:
Post a Comment