تلھار (رپورٽ عاجز انور لاشاري) تلھار لڳ دلواڻي موڙ
تي تيز رفتار مسافر وين چنگچي رڪشا کي چيپاٽي ڇڏيو. رڪشا ۾ سوار الله وارث ولد علي
گل لاشاري اڪرم ولد خان محمد لاشاري قاسم ولد حاجي خان لاشاري شديد زخمي ٿي پيا جن
کي طبي امداد لا۽ رورل ھيلٿ سينٽر تلھار آندو ويو تفصيل موجب تلھار ۾ دلواڻي موڙ حادثن
جو ڳڙھ بڻيل رڪشا ۾ سوار مسافر ڳوٺ حاجي خان لاشاري جا رھواسي مزدوري لا۽ بابا رائيس
ملز وڃي رھيا ھئا ته دلواڻي موڙ تي تيز رفتار حيدرآباد کان بدين ويندڙ مسافر وين رڪشا
مٿان چڙھي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار ٽي ڄڻا الله وارث,اڪرم ۽ قاسم لاشاري شديد
زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ٻن ڄڻن مٿان وين جي چڙھڻ سان پاسراثيون ٽٽڻ جو خدشوٻڌايو پيو وڃي
جيڪي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين اسپتال ڏانھن ريفر ڪيا ويا آھن جڏھن ته ھڪ ڄڻو الله وارث
رورل ھيلٿ سينٽر تلھار ۾ زير علاج آھي ھوڏانھن مسافر وين جو ڊرائيور واقعي واري ھنڌ
تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي جڏھن ته تلھار پوليس رورل ھيلٿ سينٽر پھچي زخمين کان ڪو به بيان نه ورتو آھي نه ئي مسافر
وين کي تحويل ۾ وٺڻ لا۽ واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي ڪا ڪاروائي ڪئي
Saturday, June 8, 2019
Home »
سنڌ خبرنامو
» تلهار لڳ حادثو، 3 ماڻهون زخمي، ٻن جون پاسراٽيون ٽٽي پوڻ جو خدشو
0 comments:
Post a Comment