گذريل هڪ هفتي کان وٺي لاهور جو مهمان آهيان. چهچ سائو ۽ سڌو
سنواٽو شهر لاهور! ڪوسي ڪوهه مريءَ جهڙو شهر! جنهن جي وچ مان هڪ ننڍڙي ندي گذري ٿي.
ان نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ناريل جي وڻن جهڙا لمبا درخت آهن. انهن درختن تي صبح کان
شام تائين پکي ٻولين ٿا.انهن پراڻن وڻن جي ڇانوَ ۾ نيون ڪارون ترڪنديون رهن ٿيون. انهن
ڪارن ويٺل آهن، رٽائرڊ فوجي آفيسر، انهن جا چلڪندڙ ۽ چمڪندڙ خاندان ۽ شوفر ڊرائيو
۾ سفر ڪندڙ حاظر سروس ڪامورا، وڏا واپاري، بکيا بلڊر ۽ انهن ننڍڙن چوڌرين جا پوٽا ڏوهٽا،
جن جون زرعي زمينون هائوسنگ اسڪيمن ۾ اچي ويون آهن.
لش پش دڪانن سان لهڪندڙ ۽ وڏن شاپنگ مالز سان مهڪندڙ هڪ ڪوڙو
۽ ڪپتي شهر لاهور!
ڪير ٿو چوي ته پوري پنجاب جي بجيٽ هن شهر مٿان خرچ ٿي آهي؟ هن
شهر کي ته ڏسي ٿو لڳي پورو پاڪستان اجاڙي هن شهر کي اڏيو ويو آهي. هي شهر جنهن ۾ انسان
آزاد آهن. هڪ مولوي سونهاريءَ کي آڱرين سان سهلائيندو ۽ هن جي نقاب پوش گهرواري تسبيح
جي داڻن سان ڦيريندي ۽ هن جي پاڙيسريءَ جي پٽ گٽار تي گارين ڀريو ريپ ڳائيندي ۽ هن
جي گرل فرينڊ اها جينز پائيندي آزاد آهن، جيڪي چمڙيءَ تي چنبڙيل هوندي آهي. پر ڪوئي
ان نينگريءَ کي اکين سان ريپ نه ٿو ڪري.
انهن ويڪرن رستن وارو شهر جنهن جي ڪنارن تي ڪيترن ئي ڪينالن
وارا بنگلا ۽ انهن مان ايندڙ ڪرپشن جي بدبوءِ! اهي پيٽ ڦاڙيندڙ فوڊ اسٽريٽون ۽ انگريزي
گاڏڙ پنجابيءَ جا نوان لفظ ۽ نوان لهجا! اها دولت جي اڇل ڪود ۽ اها مست مگن زندگي!
ڪتاب گهرن ۾ماڻهن جا ميڙ ۽ عالمي سطح جي دانشورن جون اداڪارن جهڙن اينڪرن سان فائيو
اسٽار هوٽلن ۾ ملاقاتون!
ڪجهه وينزويلا تي ويچار، ڪجهه ڪاسترو کان پوءِ ڪيوبا جا احوال،
ڪجهه ايران تي خيال آرائي ۽ ڪجهه انڊيا جي اليڪشن تي تبصرا!
لاهور مستيءَ ۾ آ. اها مستي جيڪا بنا پيئڻ جي صرف پئسي سان ايندي
آ، جيڪا آئين کي اڇلائيندڙ طاقت سان ايندي آهي. اها مستي جيڪا ورديءَ جي رنگ مان ايندي
آهي. اها مستي جيڪا در کڙڪائيندڙ دولت جي دستڪ مان ايندي آهي.
اها مستي، اها مدهوشي ۽ اها بي فڪري، بي پرواهي ان شهر ۾ ڪٿي،
جنهن جو نالو لاڙڪاڻو آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي ڦاٽل پرچم جهڙو شهر لاڙڪاڻو!
شهيدن جي ٺهندڙ مزارن ۽ غريبن جي ڊهندڙ گهرن وارو شهر لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو جنهن جي غيرت کي غربت سربازار نيلام ڪيو آهي.
لاڙڪاڻو جنهن ۾ هڪ صحافي صرف ايزي لوڊ تي پنهنجو ايمان وڪڻي
ٿو!
لاڙڪاڻو جنهن ۾ هڪ ٻار صرف غربت سبب ايڊز جو مريض بڻجي وڃي ٿو!
لاڙڪاڻو جنهن ۾ هڪ ماءُ پئسو نه هجڻ سبب پنهنجي ننڍڙي ۽ بيمار
نياڻيءَ کي ڊاڪٽر بدران پير جي مزار تي وٺي وڃي ٿي!
لاڙڪاڻو اداس انسانن جو ڀڳل ڀريل شهر!
تون چاهين ٿو ته مان لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي ڀيٽ ڪريان؟
هڪ فاتح شهر ۽ هڪ مفتوح شهر جي ڀيٽ ڪريان؟
مان ڀيٽ ڪريان، هڪ چالاڪ شهر ۽ هڪ چري شهر جي وچ ۾!
لاهور هڪ چالاڪ شهر آهي
جيڪو اڄ به نعرا نه ٿو هڻي نه نواز شريف جا ۽ نه تحريڪ انصاف
جا!
لاڙڪاڻو سياڻو هجي ها ته زرداريءَ جي زندان ۾ قيد نه هجي ها
لاڙڪاڻو سياڻو هجي ها ته هڪ ئي نعرو هڻي ها:
”گو زرداري گو
گو.............!!“
0 comments:
Post a Comment