مٽياري (خابرو) مٽياري ويجهو ڳوٺ سونهارو کوسو جي رهائشي بيواھ عورت
مسمات ميرزادي کوسو پنهنجي گهر ڀاتين سميت ميڊيا هائوس تي دانهيندي چيو آهي ته مون
کي پنهنجي والد جي ملڪيت مان 14 گهنٽا زرعي زمين ملي جيڪا منهنجا ڀائر احد کوسو . شوڪت
. شير علي. حافظ کوسو ۽ سوٽ خادم کوسو ڦٻائڻ
لاء مون کي مختلف هيلن بهانن سان تنگ ڪري ڦٻائڻ چاهين ٿا هن چيو ته منهنجا ڀائر
مونکي طرح طرح سان تنگ ڪري ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏئي اسان کي حراسان ڪري ڳوٺ مان لڏائي
منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا بيواھ عورت مسمات ميرزادي وس وارن کان مطالبو ڪيو
ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ منهنجي پٽن ۽ پوٽن تي منهنجي ڀائرن پاران جيڪڏهن ڪو
ڪيس داخل ڪرائين ته ان کي ڪوڙو سمجهي منهنجي ڀائرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي
Friday, June 7, 2019
Home »
سنڌ خبرنامو
» مٽياري ۾ بيواھ عورت جو گهر ڀاتين سميت احتجاج. ڀائرن تي زمين ڦٻائڻ جو الزام











0 comments:
Post a Comment