حيدرآباد(خابرو)
عورت تحفظ مومينٽ ۽ حيدرآباد جي سول سوسائٽي طرفان جمنا سامي سان زيادتي ڪندڙ وحشين
کي سخت سزا ڏيارڻ لاء حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنھن ۾ صنم
چانڊيو ـ ايم پرڪاش، روشن برھماڻي ـ نازش فاطمـ، رابعا سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي ـ ھنن چيو
تـ سنڌ ۾ جنسي زيادتي جا واقعا تمام گھڻا وڌي ويا آھن ـ ڪا بـ نياڻي ڪو بـ معصوم ٻار
محفوظ ناھي ـ ان جو وڏو سبب ھي آھي تـ ملوث ڏوھاري منٿ ميڙ قافلا وٺي ـ جرڳا ڪرائي
متاثر خاندانن کي ڊيڄاري ڌمڪائي ٺاھ ڪريو ڇڏين ۽ ڏوھارين کي سزا نـ ٿي ملي ـ ھنن مطالبو
ڪيو تـ اھڙن وحشين کي سري عام ڦاسي تي لٽڪايو
وڃي.
Sunday, June 9, 2019
Home »
سنڌ خبرنامو
» جمنا سامي سان زيادتي ڪندڙ وحشين کي سخت سزا ڏيارڻ لاء حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو
0 comments:
Post a Comment