Random Post

ads

Sunday, June 9, 2019

انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي سنڌي مضمون پڙهڻ نه ٿو ڏئي- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

نوٽ: مون هئ پوسٽ جنوري 2019 ۾به رکي هئي، اوھان تمام گهڻي شيئر ڪئي ھئي جنهن لاءِ اوهان جي مهرباني. ناليواري صحافئ عاجز جمالي صاحب، سائين سردار شاه صاحب کان ان مسئلي بابت سوال پڇيو هو، جنهنجي جواب ۾ شاه صاحب وراڻيو هو ته مان پڇاڻو ڪريان ٿو.منهنجئ ڄاڻ موجب معاملو اتي جو اتي ئي آهي. جيڪڏهن ڪا اڳڀرائي ٿي آهي ته تعليم کاتو يا بورڊ انتظاميا وضاحت ڪري.

محترم سائين سردار علي شاهه، تعليم جا وزير! 
هڪ ڀيرو ٻيهر عرض آهي  ته؛ ٻولي ايڪٽ 1972ع موجب اُردو ڳالھائيندڙن کي آسان سنڌي مضمُون پڙهائڻ جو مسئلو مُنجهيل ئي هو ته ڪراچيءَ جي انٽرميڊيئيٽ ايجوڪيشن بورڊ سنڌي شاگردن کان سنڌي مضمُون پڙهڻ جو به حق کَسي ڇڏيو. سن ٢٠٠١ع ڌاري اهو فيصلو ڪيو ويو ته اهڙو ڪو به سنڌي شاگرد انٽرميڊيئيٽ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمُون نه پڙهي سگهندو جنھن ميٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمُون نه پڙهيو هُوندو.

ڪراچيءَ جي ڪجهه اسڪُولن جھڙوڪ: اين جي ويءَ، گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون جي ٻن چئن هاءِ اسڪُولن کان سواءِ ڪِٿي به ميٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمُون (نارمل سنڌي) نه ٿو پڙهايو وڃي. ان جي جاءِ تي نائين درجي ۾ آسان سنڌي مضمون پڙهايو وڃي ٿو. جڏهن مئٽرڪ ۾ هِتي ان مضمُون پڙهائڻ جو مُڪمل بندوبست ئي ناهي ته پوءِ سنڌي شاگردن لاءِ اهو شرط غير قانُوني آهي.

ڪراچي بورڊ جو اهو فيصلو سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي مختلف ٺهرائن ۽ قانونن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي.  اِن فيصلي سان هر سال سوين سنڌي شاگرد مُتاثر ٿي رهيا آهن.

جڏهن انٽر ۾ سنڌي مضمُون نه پڙهبو ته بي اي ۾ به نه پڙهي سگهبو. قانُون مُطابق بي اي ۾ سنڌي مضمُون نه هُوندو ته ايم اي سنڌي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي نه ٿي ڪري سگهجي. نتيجي ۾ هوريان هوريان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ختم ٿي ويندي.

قانون مطابق سنڌي شاگرد انٽرميڊيئيٽ آرٽس ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ اختياري سنڌي مضمُون کان سواءِ لازمي سنڌي مضمُون پڙهي سگهن ٿا.جڏهن ته سائنس ۽ ڪامرس ٻارهين درجي ۾ رُڳو لازمي سنڌي مضمُون پڙهي سگهن ٿا. انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جا سمُورا تعليمي بورڊ اِن اسڪيم تي عمل ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي ٻين تعليمي بورڊن وانگر ڪراچي بورڊ ۾ به سنڌي شاگردن کي سنڌي مضمون پڙهڻ وارو بنيادي حق حاصل هجڻ گهرجي.

جيئن ته بورڊ هاڻي وزير اعليٰ ۽ اوهان جي ماتحت آهن تنھن ڪري اوهان انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچيءَ کي حُڪم جاري ڪريو ته سنڌي شاگردن کي سنڌي مضمُون پڙهڻ جي اجازت ڏئي ۽ اجايا شرط ختم ڪري

0 comments:

Post a Comment