Random Post

ads

Tuesday, June 4, 2019

سلسلو ڪچھري رنگ... سرڪاري اسپتال........ اڪبر آزاد ھيسباڻي


شام جي وقت ڳوٺ جي اوطاق ۾ ڪچهري روز جو معمول بڻيل آھي ۽ ڪچهري جا مور مصري خان سميت صبح جي ڪمن ڪارن ۽ زندگي جي ڪار وھنوار مان آجا ٿي اچي ڪچھري ۾ حصو وٺندا سندن ڪچھري جا موضوع مختلف پر لاڀائتا ھوندا آھن مصري ڳوٺ جو پريو مڙس ھجڻ ڪري انتظام خود سنڀاليندو آھي مصري خان جي اخلاقيات ۽ ڏک سک ۾ ڪم اچڻ واري خاصيت جي ڪري نہ رڳو پنھنجي ڳوٺ پر آس پاس جي ڳوٺن ۾ بہ  چڱي ڳالھ ويٺل آھي ۽ سماجي ھيڻائن ڏاڍائن متعلق چڱو ڄاڻ رکي ٿو اڄ شام جيئن ئي مصري ۽ ٻيا ڪچھري جا ڪوڏيا اوطاق تي گڏ ٿي ھڪ ٻئي کان حال احوال ٿي ورتائون تڏھن چاچي ڌڻي بخش حال احوال ڏيندي چيو يار سنگت منھنجي طبيت ۾ ڪافي ڏينھن کان مزو ڪونھي ڊاڪٽرن طبيبن کي بہ ڏاڍو ڏيکاريو اٿم پر پتو ڪونہ ٿو پوي جئين دوا کاوان ٿو تئين وٺجندو وڃان ٿو سو اڄ مان لاڙڪاڻي جي سرڪاري وڏي اسپتال ويو ھئس پر اتا بہ مايوسي ٿي آھي، پريل ڳالھ کي ڪٽيندي پڇو پر ٿيو ڇا اٿئي ڌڻي بيڪ، ابا ڪي چون ٿا توکي ڪجھ ڪونھي ڪي وري چون ٿا معدي جي تڪليف اٿئي مصري خان حصو وٺندي چيو پوءِ ڀلا ڏي حوال لاڙڪاڻي جو وئين ڇا ٿيو. ڌڻي بخش ٿڌو ساھ کڻندي وراڻو سائين اصل ڳالھ نہ پڇو اتي اعلاج نہ پر تادي آھي تادي! مان جئين ئي اسپتال پھتس اصل پير رکڻ جي جاڳھ نہ ھجي ابا مايو، ٻار، مرد اصل گرٺ پئي ٿيا گرٺ چئني پاسن کان مختلف مرضن ۾ ورتل مريضن جون آھون دانھو ٻڌي ھانءُ ٿي وساميو ائي مٿان وري ڌپ ھئي ڇا ھڪ ڌپ ٻيو بجلي بند منھنجو تہ ساھ پئي ٻوساٽيو، مون سوچو اھڙي حالت ۾ تہ چاڪ چڱو ڀلو ماڻھو بہ بيمار ٿيو پوي. استاد ڪريم ڏني گوڏا سڌا ڪندي ڌڻي بخش کي چيو پر سرڪار تہ اخبارن، ٽي وي ۽ ريڊيو تي صحت واري معاملي تي اسپتالن ۽ عملي جي سڌارن بابت ساک کنيو پئي وڃي؟ ڌڻي بخش کيس جواب ڏيندي چيو ھائو ابا اکين سان ڏسي پيو اچان، توھان منھنجو قصو ٻڌندا تہ پاڻ ئي سمجھي ويندا تہ لاڙڪاڻي جون اسپتالون ڇا آھن! سو ڳالھ پئي ڪيم تہ مان وڏي مشڪل سان ڪرڻ ھارڪو ٿي سھڪي سھڪي ڊاڪٽر تائين پھتس، بابا ڊاڪٽر تائين پھچڻ بہ ڪو سولو ڪم نہ ھو دروازي تي بيٺل ھڪ ھمراھ ڌڪا ڏنا ٻاھر ڇڪيو پر مون زبردستي ڪئي ڇو جو مان وڌيڪ برداشت نہ پئي ڪري سگھيس، خير ڊاڪٽر تائين پھچي ويس ڊاڪٽر جي ڀرسان اڇي ڪفني جھڙا چولا پھريل ٻہ ٽي نينگريون ويٺل ھيون جيڪي بار بار ڊاڪٽر کان ڪجھ پڇي رھيون ھيون ۽ ڊاڪٽر باغ بھار ٿيندي کين کلي ٿي جواب ٿي ڏنو باقي مريضن کي ڊاڪٽر اصل ڏنڀيو ٿي ڏنڀيو، مونکان اڳ وارو مريض چڪاس ڪرائي اٿيو تہ ڊاڪٽر چيو ويھندي يا توکي منٿ ڪري ويھارڻو پوندو پوءِ پڇيائين ڇا ٿيو اٿئي؟ مون چيون سائين پيٽ تي تنگشي ھجڻ باوجود بک ساھ پئي ڪڍي عوضن(عضون) ۾ ساڻائين جسم ٿڌو ٿي وڃي ٿو اڃا حوال ڏئي ئي رھيو ھئس تہ چيائين بس بس تقرير بند ڪر چيم سائين چون ٿا معدي جي تڪليف آھي چوڻ لڳو ڊاڪٽر مان آھيان يان تون پرچي ڏيندي چيائين ھي دوا وٺ ڪجھ ٽيسٽون اٿئي ڪرائي وٺ، پڇيم سائين ٽيسٽون ڪٿان ڪرايان چيائين منھنجي گھر مان اڙي بابا ھيٺ وڃ ليبارٽي اٿئي، ٻاھر نڪري پڇا ڪيم تہ اھا ليبارٽي ڪٿي آھي خبر پئي تہ سامھون آھي اتي جو وڃا تہ ڇا ڏسان جو ماڻھو ائين پيا ھڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪين جيئن خيرات جي ڀت تي ھڪ ٻئي کي ڌڪيندا آھن، ھڪ ھمراھ کان پڇيم ابا ٽيسٽ ڪٿان ٿيندي ڇڙٻ ڏيندي چيائين ھي باقي سڀ وھان تي آيا آھن ڇا ھڪ ڪراڙي عورت تہ دخل پويان ڪرسي تي ويٺل ھمراھ کي منٿون ٿي ڪيون او ابا او ٻچا اسان کي اڄ ويھو ڏينھن آھي نمبر نٿو ملي ٻيلي مھرباني ڪر نمبر ڏي مان اھو سڀ ڏسي منجھي پيس تہ ھي ڪم ٿيندو ڪيئن تڏھن وري ھڪ ٻي ھمراھ کان جاچ ورتم تڏھن خبر پئي تہ ھن پرچي تي ٺپو لڳندو وري پوءِ نمبر وٺبو تنھن کان پوءِ ٽيسٽ ٿيندي جي وقت بچو تہ نہ تہ وري سڀاڻي. مون سوچو ھي پرچي بہ تہ ڊاڪٽر ڏني آھي ان کي ھي ڇو نٿا کنگھن بحرالحال مونکي ڳالھ سمجھ ۾ نہ آئي تنھنڪري بغير ٺپي ۽ لمبر(نمبر) جي ڌڪا ٿاٻا کائي وڃي ٽيسٽ ٿيڻ واري ڪمري ٻاھران پھتس تہ ھڪ ھمراھ مونکي خبردار ڪري ائين روڪيو ڄڻ مان مريض نہ پر ڪو ڌاڙيل ھجان چيم سائين ٽيسٽ ڪرائڻي آھي چيائين ٺپو ھڻائي لمبر وٺي وڃي ويھ جڏھن وارو آيو تہ سڏ ٿيندئي.  چيو مانس ابا ھي پرچي ڊاڪٽر ڏني آھي ٽيسٽ لاءِ چيائين چوڻ لڳو ھاڻي مٿو چٽڻ بند ڪر توکي جيڪو چيو اھو ڪر اھو ٻڌي منھنجو تہ اعلاج ڪرائڻ کان ارواھ ئي کڄي ويو سوچيم ھتي ذليل ۽ خوار ٿيڻ کانسواءِ ڪجھ نہ ملندو حسرت پوري ڪرڻ لاءِ ھڪ دفعو وري وٺ پڪڙ ايلاز منٿون ڪري ڊاڪٽر تائين پھتس تہ اتي بہ دڙڪا مليا چيائون وقت ختم ھاڻي وري سڀاڻي اچجان ڪمري اندر ڊاڪٽر جي کلڻ جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ ٿي آيو مان مايوس ٿي اعلاج ڪرائڻ بغير واپس موٽي آيس پر مون اتي مون جھڙا سوين ھزارين درپدر ٿيندي ڏٺا ۽ چون ٿا اھو روز جو ڪم آھي! سندس قصو ٻڌي تازي ميندي ڪيل ڳاڙھي ڏاڙھي واري ڪاڪي ڏتل چيو وڃ! چئبو تہ ايڏو ظلم آھي! توبھ توبھ مان بہ چوان مرض گھٽجڻ بجاءِ وڌن ڇو ٿا ھيڏيو وڏيون اسپتالون، پگھارون، آسائشون پوءِ بہ..... نالو وڏو ديھ ويران علڻ بہ اندر جو ٻڙڪو ڪڍيو، مصري خان ڳالھاڻو بابا توھان سمجھڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ ھڪ ڳالھ ڪن کولي ٻڌو تہ اعلاج کان وڌيڪ احتياط لازمي آھي باقي سڀ دولت ميڙڻ واري نشي ۾ گم آھن ماڻھن جي صحت، تعليم سميت ٻين معاملن سان ھنن جو ڳالھين کان سواءِ ڪجھ نہ وڃي صرف پئسو کپي! مصري خان ڪچھري جي پڄاڻي جو اشارو ڏيندي چيو يار ڪچھريون قائم وقت بہ ڏاڍو ٿي چڪو آھي آرام ڪيو سڀاڻي وري گڏ ۽ پوءِ سڀ ڪو گھرن ڏانھن روانو ٿي ويو.

Related Posts:

0 comments:

Post a Comment